سيد صالح محمد شاهه1

سيد صالح محمد شاهه1

سيد صالح محمد شاهه1

سيد صالح محمد شاهه1: ريڊيو، ٽي. ويءَ جي مشهور ڪمپيئر، صداڪار ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻو، سيد صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه جو جنم، 4 اپريل 1938ع تي حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ ٿيو. هن اديب عالم جو امتحان پاس ڪيو، کيس انگريزي سٺي ايندي هئي. زمينداري پيشي سان لاڳاپيل رهيو.
سيد صالح محمد شاهه سنڌي لوڪ ادب، ثقافت ۽ فن جي دنيا ۾ هڪ وڏو نالو ٿي گذريو آهي. هن لوڪ ادب ۽ لوڪ ثقافت کي عوام تائين پهچايو. سندس خاندان ۾ وڏا شاعر، اديب ۽ عالم ٿي گذريا آهن. گهريلو ماحول ۾ کيس ’شاهه لطيف جو رسالو‘ ۽ ’شاهه ڪريم جو ڪلام‘ صحيح تلفظ سان ٻُڌڻ ۽ پڙهڻ جو موقعو مليو. سندس خاندان جو هڪ وڏو شاعر سيد ڪبير شاهه ’لوڪ ادب جو امام‘ سڏيو ويندو هو. سيد نور محمد شاهه ’نورل‘، ’صاحبِ ڪليات شاعر‘ سندس نانو هو. ناني جي ذاتي شفقت ۽ پرورش کيس زبان ۽ ادب جو شعور بخشيو.
سـيـد صالح محمد شاهه اڃا تعليم مڪمل نه ڪئي هئي ته پنهنجي هم ڪلاسي عبداللطيف عباسيءَ، ريڊيو پاڪستان جي انائونسر جي صلاح تي، 04 اپريل 1958ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان منسلڪ ٿيو، جتي انائونسر کانسواءِ تقريرن، ڊرامن ۽ فيچرن ۾ حصو ورتائين. ريڊيو تي ’فتح خان‘ جي ڪردار کيس عالمي شهرت بخشي، هن ’ڳوٺاڻي ڪچهريءَ‘ جو پروگرام چاليهن سالن تائين مسلسل ڪيو. اهي پروگرام، ريڊيو حيدرآباد تان 03 آڪٽوبر 1959ع کان ’ڳوٺاڻي ڪچهريءَ‘ جي نالي سان هلندو هو. 20 جولاءِ 1960ع تي ان جو نالو بدلائي ’جمهور جو آواز‘ رکيو ويو، هن پروگرام ۾ صالح محمد شاهه شروع کان وٺي پنهنجو اصل آواز بدلائي، ٻهراڙيءَ جي هڪ جهور پوڙهي جي ڪردار ’فتح خان‘ جي روپ ۾ پيش ڪندو رهيو، جنهن کي هر طبقي جي ماڻهن بيحد پسند ڪيو. هن پروگرام کي ڪارائتو بنائڻ لاءِ ان ۾ موسيقي، ڳجهارتن، بيتن، لوڪ ڪهاڻين، ڪافين، مذهبي واقعن، قصن، زراعت، تعليم، صحت، ادب وغيره جا موضوع شامل ڪيا ويا، جنهنڪري هيءُ پروگرام ريڊيو جي تاريخ جو يادگار پروگرام بڻجي ويو. سيد صالح محمد شاهه جو تعلق نج ٻهراڙيءَ سان هو، کيس ٻهراڙيءَ جي ماحول، ريتن رسمن ۽ رهڻي ڪهڻيءَ جي سٺي ڄاڻ هئي. ان ڪري سندس پروگرام ڳوٺاڻن جي ڪچهريءَ جا سچا عڪس هوندا هئا. جملن جي جوڙجڪ، پڪي پختي زبان، وسيع معلومات، ٺيٺ عوامي لهجي، محاورن، پهاڪن ۽ اصطلاحن جي ڄاڻ کيس هڪ علم دوست ۽ پارکو طور مقبوليت ڏني. کيس لوڪ ادب جي سمورين صنفن تي عبور هو ۽ موسيقيءَ جي فن بابت وسيع ڄاڻ رکندو هو. سيد صالح محمد شاهه يار ويس، راڄائتو، مهمان نواز، ڳُڻ ڀريو ڳالهير، کل مک ۽ لوڪ ادب جو جيئرو جاڳندو مثال هو.
سيد صالح محمد شاهه، شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو مداح ۽ سندس ڪلام جو قدردان هو. جڏهن به ڪو بيت پڙهندو هو ته درست اچار سان ۽ زير زبر، شد مد جو خيال رکي پڙهندو هو. سنڌي ٻوليءَ جي سٽاءُ، مزاج ۽ اثرن کان ڀليءَ ڀت واقف هو.
سيد صالح محمد شاهه علم ۽ ادب جو وڏو پارکو هو. ڪچهريءَ وارا کيس ’ڏاڏا سائين‘ يا ’جهونا‘ چئي مخاطب ٿيندا هئا. شاهه لطيف جو سڄو رسالو شاهه صاحب جي آواز ۾ تحت الفظ رڪارڊ ٿيل آهي، جيڪو ريڊيو پاڪستان حيدرآباد، ڪراچي، خيرپور ۽ لاڙڪاڻي تان اڄ به نشر ٿيندو رهي ٿو. سيد صالح محمد شاهه پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر تان نشر ٿيندڙ سنڌي پروگرام ’اوطاق‘ ۽ ’رس رهاڻ‘ جو به ڪيترو وقت ميزبان رهيو. هن سنڌي فلمن ۽ ڊرامن ۾ به ڪم ڪيو. سندس شروعاتي ڊرامن ۾ منظوم ڊرامو ’ستارا‘ ۽ ’ڏاهر‘ قابل ذڪر آهن.
انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ۽ ثقافت کاتي حڪومت سنڌ وٽ سندس آواز ۾ شاهه جي رسالي جي سرن جي رڪارڊنگ محفوظ آهي.
سيد صالح محمد شاهه کي فني خدمتن جي عيوض حڪومت پاڪستان صدارتي اوارڊ ’حسن ڪارڪردگي‘، ٽيليويزن گولڊ ميڊل، سگا گولڊ ميڊل، شاهه لطيف ڪلچرل سوسائٽيءَ طرفان گولڊ ميڊل ۽ ٻين مختلف تنظيمن ڪيترا اوارڊ ۽ سنَدون ڏنيون.
سيد صالح محمد شاهه پهرين سيپٽمبر 2007ع تي وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.04.04  عيسوي

ريڊيو، ٽي. ويءَ جي مشهور ڪمپيئر، صداڪار ۽ لوڪ ادب جي ڄاڻو، سيد صالح محمد شاهه ولد سيد دادن شاهه جو جنم، 4 اپريل 1938ع تي حيدرآباد ڀرسان ڳوٺ دريا بيگ مغل ۾ ٿيو.


1958.04.04  عيسوي

سيد صالح محمد شاهه اڃا تعليم مڪمل نه ڪئي هئي ته پنهنجي هم ڪلاسي عبداللطيف عباسيءَ، ريڊيو پاڪستان جي انائونسر جي صلاح تي، 04 اپريل 1958ع تي ريڊيو پاڪستان حيدرآباد سان منسلڪ ٿيو.


1959.10.03  عيسوي

سيد صالح محمد شاهه ريڊيو تي ’فتح خان‘ جي ڪردار کيس عالمي شهرت بخشي، هن ’ڳوٺاڻي ڪچهريءَ‘ جو پروگرام چاليهن سالن تائين مسلسل ڪيو. اهي پروگرام، ريڊيو حيدرآباد تان 03 آڪٽوبر 1959ع کان ’ڳوٺاڻي ڪچهريءَ‘ جي نالي سان هلندو هو. 20 جولاءِ 1960ع تي ان جو نالو بدلائي ’جمهور جو آواز‘ رکيو ويو،


2007.09.01  عيسوي

سيد صالح محمد شاهه پهرين سيپٽمبر 2007ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

راءِ نوگھڻ
ديپڪ آشا
اي اين جي عباسي
جاويد ٽاڪاڻي
ستيه پال
پشپا ڀاوناڻي
جيمس لوئيس مينس
تارا چند شوقيرام
شازيه پتافي ڊاڪٽر
ڌڻي بخش مهر مولانا
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون